راٻاڙي جو دڙو

راٻاڙي جو دڙو (ماڳ): هيءُ ماڳ عربن جي دؤر کان اڳ جو معلوم ٿئي ٿو. هي دڙو يونين ڪائونسل قمبر جي ديهه جاگير- 6 ۾ قنبر شهر کان 20 ڪلوميٽر اولهه ۾ تعلقي قنبر ۾ واقع آهي. هن ماڳ جو ذڪر سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽريءَ ۾ به آيل آهي. بڊام ڍنڍ جي ڪناري تي واقع هيءُ ماڳ قديم تهذيبي ماڳن ۾ اهميت وارو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو